سنڌي غزل

سنڌي غزل

سنڌي غزل

سنڌي غزل (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، نامور شاعر، پروفيسر ارجن ’شاد‘ جي. ايم. فل (سنڌيءَ) جي ٿيسز آهي، جيڪا هن بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪئي هئي. ڪتاب ۾ پنج فصل (باب) آهن: (1) فصل پهريون: سنڌي شاعري ۽ علم عروض، (2) فصل ٻيو: عروض جي ايجاد، بحر ۽ صنعتون، (3) فصل ٽيون: غزل ۽ اُن جون صنعتون، (4) فصل چوٿون: سنڌي غزل جي ابتدا ۽ ترقي، ۽ (5) فصل پنجون: گل (خليفو گل محمد ’گل‘ هالائي) شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، هري موٽواڻيءَ، ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ پاران ڇپايو، ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو، خليل پبليڪيشن سکر جي خليل احمد هڪڙي 1992ع ۾ ڇپايو. ڊيمي سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 35 روپيا آهي.


لفظ سنڌي غزلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو